ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، ٻارڙيءَ سميت 3 ڄڻا قتل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۾ ٻارڙيءَ سميت 3 ماڻھو قتل،  عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ملير جي  علائقي قائد آباد ۾گل احمد ملز ڀرسان ڪچي آبادي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.پوليس موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 35 ورھين جي سميع الله پٽ محمد يار جي نالي سان ٿي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ معاملو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو.منگھو پير جي علائقي ميانوالي ڪالوني ۾ واقع جامع مسجد ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 20 سالن جو نوجوان شازل پٽ بابر ڪمال قتل ٿي ويو.سھراب ڳوٺ جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ واقع حاجي نواب مسجد ڀرسان گھر اندر پر اسرار نموني فائرنگ ۾ 3 سالن جي ٻارڙي سپنا ڌي ظريف قتل ٿي وئي جڏهن ته سندس ماءٌ 30 سالن جي شاھين زخمي ٿي پئي.هوڏانهن پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي حد ٻڪرا پڙي ميانوالي ڪالوني ۾ ڇرين جي وار ڪري ميان محمد ولد حفيظ الله کي  زخمي ڪيو ويو.بوٽ بيسن ٿاڻي جي حد ڪلاچي روڊ تي بينظير پارڪ ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ عبدالمتين پٽ عبدالحفيظ ۽ عرفات پٽ ذوالفقار زخمي ٿي پيا.جھانگير روڊ تي بلوچ پاڙي ۾ نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 سالن جي ثمرا ڌيءُ محمد ڪريم زخمي ٿي پئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.