ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) گذريل ڏينهن شام جو بلوچ آباد وٽ ميرپورخاص کان ڇور ويندڙ مسافر ٽرين جي حادثي ۾ زخمي ٿيل هڪ ڳوٺاڻو غلام حسين چانڊيو لمس اسپتال حيدرآباد ۾ علاج زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جو مڙھ قانوني ڪارروائي بعد ڳوٺ دائم چانڊيو ۾ پهتو ته ماحول سوڳوار بنجي ويو مرحوم کي مقامي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.