اڏيري لعل وليج مان لاش هٿ

اڏيرولعل وليج (ن ع آ)اڏيرولعل وليج ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ رحيم خان کورکاڻي اسٽاپ تي روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ کورکاڻي شاخ جي موري۾ڦاٿل  نامعلوم شخص جو لاش پاڻي ۾ ڦاٿل ڏسي ڳوٺاڻن پاران اڏيرولعل وليج پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي اڏيرولعل پوليس کورکاڻي شاخ مان لاش کي ڀنگين جي مدد سان ڪڍائي مٽياري سرڪاري تعلقا اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرائي ڇڏيو.اڏيرولعل پوليس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي  ته لاش مرد نوجوان جو آهي ڪجھ ڏينهن پراڻو هئڻ ڪري ڳري چڪو آهي وڌيڪ سڃاڻپ لاءِ مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي ان لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي پوليس پاران اسپتال ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوءِ  وڌيڪ جاچ جاري ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.