ڪوٽڙي: صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو شهر ۾ عام چونڊن لاءِ قائم ڪيل ڊسپلي سينٽرن جو دورا

ڪوٽڙي ۾ سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر پاران شهر ۾ عام چونڊن لاءِ قائم ڪيل ڊسپلي سينٽرن جا دورا ڪيا ويا.

سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ، حيدرآباد ڊويزن جي ريجنل اليڪشن ڪمشنر  علي عبدالله خالد، ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر سعيد سومرو ۽ ٻين سان گڏ ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ايريا ۾ جنرل اليڪشن لاءِ قائم ڪيل ڊسپلي سينٽرن جا دورا ڪيا.

دوري دوران ضلعي اليڪشن ڪمشنر، صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي ڊسپلي سينٽرن بابت ڄاڻ ڏني.

ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر ڊسپلي سينٽرز انارچ کي هدايت ڪندي چيو ته سينٽرن تي دستاڻو ماحول قائم ڪري ايندڙ هر ماڻهن کي مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏ سندن فارم ڀرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.