سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج پلواما ضلعي ۽ ڪلگام ۾ گهيري ۽ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ 3 ڪشميرين نوجوانن کي شهيد ڪيو.
ڪي ايم ايس ٻڌايو آهي ته قابض ڀارتي انتظاميا علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي ۽ پلواما ۽ ڪلگام ۾ آپريشن جاري آهي.