اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ طالبان افغانستان ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان بابت هاڻوڪي اڳڀرائي تي سياسي پارٽين سان رابطن ۽ معاملي کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ٽي رڪني ڪميٽي ۾ شيري رحمان، فرحت الله بابر ۽ قمر زمان ڪائرا شامل آهن.
گذريل ڏينهن زرداري هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ تحريڪ طالبان افغانستان ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان بابت هاڻوڪي اڳڀرائي جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
زرداري هائوس ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پارليامينٽ کي پهريون ۽ اڪيلو فورم قرار ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو.