موٽورولا ڪمپني طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته اها 200 ميگا پڪسل ڪيمرا وارو فون تيار ڪري رهي آهي.
فون کي ڪجهه مهينن ۾ متعارف ڪرايو ويندو جنهن ۾ ڪوالڪوم جو نئون اسنيپ ڊريگن 8 جنريشن هڪ پلس پراسيسر هوندو.
لينوو ڪمپني جي جنرل مينيجر چيو آهي ته هو نئين فون جي ڪيمرا پرفارمينس ڏسي حيران ٿي ويو آهي.
ڪمپني طرفان فون ۾ سان سنگ جي تيار ڪيل 200 ميگا پڪسل سينسر کي استعمال ڪيو ويندو.
ياد رهي ته موٽرولا طرفان پنهنجي فون جا ڪي تفصيل ظاهر ناهن ڪيا ويا.