مشهور اداڪارائون دانيا ملڪ جي حق ۾ سامهون اچي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عامر لياقت جي ٽئين زال دانيا کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته هاڻي سندس حمايت ۾ به آواز اٿي رهيا آهن.

مشهور فنڪارائن يشما گل ۽ ارمينا خان سندس دفاع ۾ سامهون آيون آهن.

يشما گل انسٽاگرام اسٽوري ۾ چيو ته دانيا جي پويان ڇو پيا آهيو؟ ان ئي تنقيد جي ڪري هڪ حياتي وئي هاڻي ٻي حياتي کي خطري ۾ نه وجهو.

اداڪارا چيو ته سمورو حساب الله تي ڇڏيو، دانيا غلط ڪيو يا صحيح ان جو فيصلو الله کي ڪرڻ ڏيو.

هن سوال ڪيو ته ٻين جي نجي زندگين بابت فيصلا ڪرڻ وارا اسان ڪير ٿيندا آهيون؟

ٻئي پاسي ارمينا خان به انسٽاگرام اسٽوري ۾ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيل هو ته دانيا عامر لياقت کي ماريو آهي.

هن پوسٽ تي رد عمل ڏنو ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ عامر لياقت کانپوءِ هاڻي هڪ ننڍي عمر جي ناري کي تنگ ڪيو ويندو؟

هن چيو ته وهان عامر لياقت جي لاڏاڻي مان ڪجهه ناهي سکيو ڇا؟

ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي دانيا کي عامر لياقت جي لاڏاڻي جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي ڇو ته هن پنهنجي مڙس جون وڊيوز ليڪ ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.