اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پرويز الاهي جي پٽ ۽ ق ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر مونس الاهي خلاف جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب ايم اين اي مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جاچ ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي طرفان ڪافي شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن ۽ حڪومت شاهديون ملڻ کانپوءِ جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.