اثاثا ڪيس:آغا سراج دراني پيش نه ٿيو، ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ سنڌ اسيبملي جو اسپيڪر آغا سراج دراني وقتي گورنر  هئڻ جي ڪري احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.  عدالت بغير ڪاروائي جي ڪيس جي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • ساڍا 8 هزار حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا

اسلام  آباد (م ڊ) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل 5 ڏينهن ۾ ساڍا 8 هزار حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا آهن جڏهن ته اڄ 5 حج اڏامن سان 1500 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا مديني پهچي ويندا. هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته حج پانڌيئڙن کي مديني ۾ 8 ڏينهن ترسڻ کانپوءِ مڪي شريف روانو ڪيو ويندو، حج کان اڳ 17 هزار پانڌيئڙا مديني منوره جي زيارت مڪمل ڪندا، حج کانپوءِ پاڪستان روانگي کان 8 ڏينهن اڳ  باقي 15 هزار حج پانڌيئڙا حج تي مديني پهچايا ويندا. هن چيو ته 106 اڏامن تي ٻڌل حج فلائٽ آپريشن 30 جون تائين جاري رهندو. 03

  • لياري ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان جهيڙو، 9 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ مرزا آدم روڊ اسٽريٽ نمبر هڪ ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان جھيڙي دوران ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ڏنڍن جو  وسڪارو لائي ڏنو، نتيجي ۾ 9 ماڻھو زخمي ٿي پيا. پوليس موجب زخمين ۾ عمير خان ولد محمد خان، خالد ولد حاجي مير عبدالله، محمد آصف، شاھ عالم خان ولد ھمت خان، عارف خان، دلاور خان، اڪرام الله ولد حاجي ظفر اقبال، وارث خان ۽ مطيع الله شامل آھن.پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي 5 ماڻھن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

  • ڪراچي ۾ عدت ۾ ويٺل عورت کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ۾ سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪندي عدت ۾ ويٺل عورت کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس  پي سي آءِ اي عارف عزيز موجب ڪجهه ڏينهن اڳ سرجاڻي ۾ جوابدارن گهر ۾ گهڙي 60 ورهين جي عورت کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، واقعي کان پوءِ جوابدار سونا زيور ۽ جنريٽر چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا. پوليس قتل ۽ چوري جي سيڪشن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو. ايس ايس پي سي آءِ اي موجب قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار کي ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو، پوليس موجب جوابدار جنريٽر وڪرو ڪري رهيو هو، بروقت ڪارروائي ڪندي جوابدار ارشد علي کي گرفتار ڪري جنريٽر هٿ ڪيو ويو.پوليس موجب جوابدار عورت کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هو جنريٽر چوري ڪري رهيو هو ته اوچتو عورت کيس نظر آئي، جنهن بعد جوابدار عورت جو ڳلو دٻائي گهر مان جنريٽر ۽ سونا زيور چوري ڪري ورتا، جوابدار جاچ دوران هڪ ڊزن کان وڌيڪ وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.