آءِ ايم ايف خوش ناهي، پيٽرول مهانگو ڪري پئسا گهر نه کڻي وينداسين

اسلام آباد( م ڊ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل  پيٽرول، ڊيزل ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ سڌ سماءُ واري وزير، ناڻي واري مملڪتي عائشه غوث پاشا ۽ ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته بجلي تي هن وقت به 11 سئو ارب ۽ گئس جي 4 سئو ارب سبسڊي ڏئي رهيا آهيون . هن چيو ته حڪومت دفاعي بجيٽ جيترا 16 سئو ارب سبسڊيز تي لڳائيندي ته معيشت جو ٻيڙو ئي ٻڏي ويندو، اسان کي سخت قدم کڻڻا پوندا. مفتاح اسماعيل چيو ته هيءَ بجيٽ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اسان جو پهريون هدف ملڪ کي سريلنڪا ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پرسنل انڪم ٽيڪس گهٽ لڳائڻ تي آءِ ايم ايف اسان کان خوش نه آهي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو  ته ملڪ هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، آءِ ايم ايف اسان مان خوش ناهي، حڪومت کي وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. ناڻي واري وزير چيو ته اقتصادي ٽيم جو بجيٽ سازي ۾ ڀرپور محنت ۽ ڪردار  تي سندن ٿورائتو آهيان. ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي سبب سندن پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پاڪستان هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب جو ته اسان  ڏکئي وقت ۾ بجيٽ پيش ڪئي آهي، 500 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ڏنو، 1100 ارب رپين جي بجلي جي مد ۾ سبسڊي ڏني، مطلب 16 رپيا في يونٽ بجلي تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ماضي ۾ ايترو ڏکيو معاشي وقت ناهي ڏٺو جيترو اڄ ڏسي رهيو آهيان.   وفاقي وزير چيو ته گئس ۾ 1400 ارب رپين جو سرڪلر ڊيبٽ ڪري ڇڏيو، 20 ڊالر جي ايل اين جي گهرائي 2 ڊالرن ۾ وڪرو ڪري نقصان ڪيو، ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ڪنهن جي فيڪٽري کي بند نه ڪنداسين، جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت ڪنهن سان سستي گئس فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي ته اسان کين گئس ڏينداسين.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته ملڪ کي انتظامي حوالي سان ٺيڪ ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سريلنڪا جهڙيون حالتون ٿيون ته ماڻهو معاف نه ڪندا، ملڪ کي سريلنڪا جي حالتن تائين پهچڻ کان بچائڻ ۽ ٻيون ٽارگيٽ غريب عوام کي رليف ڏيڻ آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مالياتي پاليسي ۾ ڪجهه سختي ايندي، اسان ملڪي وسيلن جو پنج سيڪڙو به استعمال نه پيا ڪري سگهون، واپارين لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم آندي آهي، پريس ڪانفرنس دوران ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد چيو ته 25 لک واپارين کي ان اسڪيم ۾ شامل ڪنداسين. ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته مشڪل فيصلن جو مقصد ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ آهي، ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ ۾ گهٽ اثر پون، پٺتي پيل طبقي جي سوشل سيفٽي نيٽ پروگرام لاءِ فنڊز وڌايا آهن، زرعي شعبي کي مراعاتون ڏنيون آهن، ان جو به بنيادي مقصد مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي ته جيئن مقامي سطح تي شيون پيدا ڪري سگهجن. ناڻي واري وزير صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته 25 هزار دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪنداسين، دڪاندارن تي معمولي ٽيڪس لاڳو ڪري رهيا آهيون، جيڪي شيون رهجي ويون آهن، اهي بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين، بجيٽ ۾ ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڪجهه ننڍيون تبديليون ٿينديون. ناڻي واري وزير چيو ته لڳي نٿو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو قيمتون گهٽ ٿينديون، پي ڊي ايل جو ٽيڪس لڳندو ته مهانگائي واڌارو ايندو، پيٽرول مهانگو ٿيندو ته پئسا قوم تي ئي خرچ ٿيندا، فوج جي بجيٽ به لکت ۾ موجود آهي، ڪا شيءَ ناهي لڪائي، ڪوشش ڪيون پيا ته قوم جو حصو ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ ۾ استعمال ڪيون. مفتاح اسماعيل چيو ته ڪمپنين کي خانگائڻ ڏانهن وٺي وڃن وزيراعظم جو عزم آهي، نجڪاري ڪميشن طرفان جن ڪمپينن کي ريڊي فار سيل رکيو ويو اهو ڪم مڪمل ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.