لاڙڪاڻي ۾هٿياربندن جي فائرنگ، شاگرد زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد زخمي ٿي پيو، پوليس واقعي جي جاچ شروع  ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد وليد پاڙي ۾ مبينا طور هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد آڪاش علي ولد ممتاز علي ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي شاگرد نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان پنهنجي سئوٽ مدثر ڀٽي سان گڏجي شهر کان ٿي واپس گهر ٻاهريان پهتو جتي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته فائرنگ ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان وليد ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن شروعات جاچ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي جي زخمي ٿيڻ جو ٻڌايو آهي پر ان جي باوجود واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

  • کپري ۾ شهزور ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان زخمي

کپرو (ن ع آ)کپري موڙ تي شھزور ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن سب 25 ورهين جو کيمچند ڪولهي زخمي ٿي پيو زخمي کي کپرو تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي علاج جاري آھي.

  • ميرپورخاص کان ڇور ويندڙ ماروي ٽرين جو ڪار سان ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص کان ڇور کوکراپار ويندڙ ماروي پسئنجئر ٽرين جو بلوچ  آباد لڳ درگاه عبدالله شاھ جي ڦاٽڪ وٽ گذرندڙ ڪوري ڪار سان حادثو 2 زخمي، ذريعن موجب ڪوري ڪار جنهن ۾ 2 بيمار مريض سوار هئا جن کي ڊاڪٽر کي چيڪ اپ ڪرائي ڳوٺ آندو پئي ويو اها کليل ريلوي ڪراسنگ جو ڦاٽڪ ڪراس ڪندي اوچتو خراب ٿي ڦاٽڪ تي بند ٿي وئي جنهن کي سامون ايندڙ ماروي ٽرين اچي ڪار کي زودار ٽڪر هنيو ۽ ڪافي پنڌ گهليندي کڻي ويئي جنهن ڪري ڪار مڪمل تباھ ٿي ويئي ۽ ڪار ۾ سوار ڳوٺ دائم چانڊيو جو رهواسي50 ورهين جو غلام حسين ولد امداد چانڊيو ۽ 48 ورهين جو رجب علي ولد نور محمد چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي علائقي واسين ماڻھن ۽ حد جي دلبر مهر پوليس کڻي کين سول اسپتال ميرپورخاص آندو جتان هڪ زخمي غلام حسين چانڊيو کي طبي امداد بعد انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد روانو ڪيو ويو . جڏھن ته واقعي جي فوري اطلاع باوجود ريلوي پوليس ۽ ريلوي عملدار چار ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتا هئا جڏهن ته بار بار رابطن باوجود ريلوي پوليس ٿاڻي جو ميرپورخاص جو انچارج ايس ايڇ او فون ڪال ڪٽيندو رهيو ۽ رابطو نه ڪيو.

  • آريجا لڳ شهري جي موٽرسائيڪل چور ڪاهي فرار

خير محمد آريجا (ن ع آ)يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي حد خير محمد آريجا شهر جي مين روڊ عيد گاهه وٽ پنهنجي گهر ٻاهران نوجوان  غلام عباس آريجو موٽر سائيڪل بيهاري ويو ته پويان تاڙ ۾ بيٺل نامعلوم چور سندس جي موٽر سائيڪل جو تالو ٽوڙي ڪاهي فرار ٿي ويا جنهن بعد موٽر سائيڪل مالڪ پنهنجن مائٽن ۽ شهرين سان گڏجي موٽر سائيڪل جي ڳولا ڪئي پر موٽر سائيڪل هٿ نه اچي سگهي جڏهن ته متاثر شهري نوجوان اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي يونيورسٽي پوليس کي ڏنو ۽ ٿاڻي تي پهچي نامعلوم چورن خلاف موٽر سائيڪل چوري جي اين سي داخل پڻ ڪرائي جڏهن ته يونيورسٽي پوليس اهڙي واقعي جي اين سي داخل داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.