لاڙڪاڻي ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب مستري فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سينيٽري جو مستري لوهي پائيپ مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر ويجهو  لهر باءِ پاس واري علائقي ۾ سينيٽري جي دڪان تي ڪم دوران لوهي پائيپ مان ڪرنٽ لڳڻ سبب شهر جي يار محمد ڪالوني واسي 42 سالا مستري حاڪم علي تيوڻو بيهوش ٿي پيو جنهن کي آسپاس جي ماڻهن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي جي وارثن ٻڌايو ته اسين اصل قمبر تعلقي جي ڳوٺ بخش ٻرڙو جا رهواسي آهيون، اڄ حاڪم علي تيوڻو پنهنجي سينيٽري جي دڪان تي ڪم ڪري رهيو هو جتي لوهي پائيپ مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي مستري جو لاش وارث اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.