ڪراچي، ميمڻ ڳوٺ واسي نينگر گم، اغوا جو شڪ

کوکراپار (ن ع آ)ميمڻ ڳوٺ جي عبدالڪريم پاڙي جي رهواسي الله بچايو ميمڻ جو 11 ورهين جو نينگر گذريل رات کان پر اسرار طور گم ٿي ويو آهي جڏهن ته وارثن ٻارڙي جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي نينگر جي پي پورهيت الله بچايو ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته آئون مزدور آهيان منهنجو 11 ورهين جو پٽ محمد امين جيڪو جسماني توڙي دماغي طور تي بلڪل صحتمند آهي گذريل رات کان ميمڻ ڳوٺ جي مک نيشنل بينڪ ڀرسان مائٽن سان گڏ دعوت تي ويو ۽ پوءِ گم ٿي ويو آهي مسلسل ڳولا باوجود سندس ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، ھن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي خدشو آهي کيس ڪنهن گروهه اغوا ڪري ورتو آهي هن ايس ايس پي ملير ۽ ميمڻ ڳوٺ  پوليس ننڍڙي جي ڳولا ۾ مدد ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.