ميروخان ۾وارهه ڪئنال جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.
محسن قاضي، علي بخش مگسي، علي محمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن حاڪم شاهه ريگيوليٽر وٽ احتجاجي مظاهرو آبپاشي انجنيئر خلاف نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي آبادگارن الزام مڙهيندي چيو ته گذريل سال جيان هن سال به وارهه ڪيئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن ڪري سوين ايڪڙ زمينون سڪي ٺوٺ ٿي رهيون آهن.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته آچر تائين وارهه ڪئنال ۾ مڪمل طور پاڻي ڇوڙ ڪري کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته سنڌ بلوچستان روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو.