عامر لياقت جي مبينا ايڪس ريز ۾ ڪيتريون ئي هڏيون ڀڳل هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي جسم جا مبينا ايڪس ريز سامهون اچي ويا آهن جن ۾ اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن.

سوشل ميڊيا تي وائرل مختلف ايڪس ريز ۽ وڊيوز ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته عامر لياقت جي ڪلهي ۽ هٿ جي هڏي  ڀڳل هئي ۽ مٿس مبينا طور تي تشدد ڪيو ويو هو.

سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اسپتال مان مليل ايڪس ري رپورٽ اهم انڪشاف ٿيا آهن ۽ ايڪس ريز ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

ايڪس ريز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سندس ڪلهي ۽ هٿ جي هڏي ڀڳل آهي.

ذريعن موجب ڊاڪٽرن به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

يوٽيوب جي هڪ وديو ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عامر لياقت حسين تي تشدد ڪيو ويو هو.

زين علي نالي واهپيدار پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جو موت طبي نه هو، سندس موت پٺيان ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.