1سينيٽر سليم مانڊوي والا سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد :  (اي پي پي) سينيٽر سليم مانڊوي والا سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي، چيئرمين جي چونڊ لاءِ اجلاس  پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽر عطاءُ الرحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا جو نالو ڪميٽي چيئرمين طور تي تجويز ڪيو، جڏهن ته سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ سينيٽر سليم مانڊوي والا جي نالي جي تائيد ڪئي، ناڻي بابت ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجڻ تي سينيٽر سليم مانڊوي والا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سينيٽرن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته مٿس جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي هو انشاءُ الله پورو ڪندس، ڪميٽي ميمبرن سان گڏجي معاملن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.