ٽنڊي الهيار ۾نينگر گندي پاڻيءَ ۾ٻڏي فوت

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) ٽنڊوالهيار شهر جي مومن آباد ڪالوني واري علائقي ۾ ڊسپوزل جي گندي پاڻي ۾ 6 سالن جو ٻارڙو رياض ولد لياقت پٺاڻ ٻڏي  فوت ٿي ويو. پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي وارثن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا جڏهن ته نينگر جي وارثن پاران پبلڪ هيلٿ جي نااهلي خلاف احتجاج پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي نينگر جي وارثن ۽ علائقي واسين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته نينگر رياض گهران راند ڪيڏڻ لاء نڪتو هو جنهن جو ڊسپوزل جي نيڪال واري گندي پاڻي مان لاش مليو آهي. هنن چيو ته ڪيترائي دفعا ڊي سي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي دانهيو آهي پر تدارڪ نٿو ٿئي. روز ٻارڙا راند ڪندي گندي پاڻي ۾ ٻڏن پيا هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته پبلڪ هيلٿ خلاف ڪيس داخل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.