ڏوڪري واسي ناليوارو شاعر ۽ اديب مظفر منگي لاڏاڻو ڪري ويو

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري پريس ڪلب جي اڳواڻ نوجوان صحافي ياسر منگي جو والد شاھ عبدالطيف جو پارکو،اديب، شاعر، ليکڪ مظفر منگي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو مرحوم جي جنازي ۾ سياسي، سماجي، اديبن، شاعرن، شهرين توڙي ڳوٺاڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي. مرحوم کي اباڻي ڳوٺ بگي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن مرحوم جو تڏو ٻيلي کاتي جي آفيس ڀرسان سندس ڀاءُ حاڪم منگي جي جاءِ تي وڇايو ويو آهي. هوڏانهن مرحوم جي پونئيرن سان تعزيتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.