” ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جا اڳواڻ شڪاري ڪتا آهن“

ڀارتي سياسي پارٽي ڪانگريس جي ليڊر، سداراميا بي جي پي جي اڳواڻن کي شڪار ڪتن سان تشبيهه ڏني  آهي.

ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي اڳوڻي وڏي وزير، ڪانگريس اڳواڻ سداراميا طرفان بي جي پي اڳواڻن کي شڪاري ڪتو چوڻ تي ڀارت ۾ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.

سداراميا طرفان بي جي پي خلاف ڏنل اهڙي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن مان ڪو بيان ڏيندو آهيان ته بي جي پي جا 25 شڪاري ڪتا منهنجي خلاف ڳالهائڻ لڳي ويندا آهن، پر جڏهن انهن مان ڪو بيان ڏيندو آهي ته اسان جي پارٽي جو ڪو به اڳواڻ جواب ناهي ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.