اوٻاوڙو لڳ جانور چوري، ڀاڳيا سجاڳ، فائرنگ، 2 مينهون مري ويون

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  اوٻاوڙي لڳ رانوتي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عرج تي پهچي وئي علائقي جو امن ڏوھارين حوالي علائقي واسي راتيون گذارڻ تي مجبور   رانوتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ  شھوالي ڀرسان رات دير سان ڳوٺاڻي مختياراحمد گرگيج جي گھرمٿان نامعلوم ھٿياربندن جي ڪاھ گھر داخل ٿي چوپايومال ڦرڻ لڳا ته گھر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا ته ھٿيار بندن ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا سخت فائرنگ سبب عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه ڳئون موقعي تي مري يون ۽ 2 مينھون ھٿيار بند ھٿيارن جي زور تي ڪاھي فرار ٿي ويا رانوتي پوليس اک نه پٽي متاثرن  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ  جي سکر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.