سنجرچانگ لڳ ٻارڙو راند ڪندي شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت

چمبڙ (ت ر)سنجرچانگ لڳ بشير آباد موري  تي ويٺل ڪولهي برادري جي ٽن ورهين جو ٻارڙو  لڇمڻ پٽ ڪمن ڪولھي راند ڪندي پير ترڪڻ  سبب  نصير ڪئنال مان نڪرندڙ پير سخي شاخ ون ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو،اهڙو اطلاع ملڻ تي وارثن ڳولا ڪندي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ٻارڙي جو پاڻيءَ مان لاش  هٿ ڪري ورتو. ، 3 ورهين جي معصوم ٻارڙي جو  لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جيجل ماء کي بيهوشي جا دورا، گلن جهڙي معصوم جي اچانڪ موت تي پاڙي ۾ ڏک جي لهر ڇائجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.