دعا زهرا والدين سان گڏ وڃڻ چاهيو: شهلا رضا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عورتن جي ترقي بابت سنڌ جي وزير شهلا رضا چيو آهي ته اڄ دعا زهرا بيان ڏنو ته مان والدين سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته ٻارڙي جي ڄم جي تاريخ جو اسپتال جو سرٽيفڪيٽ موجود آهي.

هن چيو ٽيسٽ ۾ لکيل آهي ته ڇوڪري جي عمر لڳ ڀڳ 17 سال آهي، ڇا ٻارڙيءَ جون هڏيون والدين جي شادي کان اڳ پيدا ٿي ويون هيون، ميڊيڪل رپورٽ تي جونيئر ايم ايل او جون صحيحون آهن.

سندس چوڻ هو ته ميڊيڪل رپورٽ تي دعا زهرا جو نالو به غلط لکيل آهي، ڇوڪري اڄ چيو ته والدين سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، اسان کي جج جي فيصلي جو انتظار آهي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا ڪيس جو تحريري حڪمنامو جاري ڪندي ناري کي پنهنجي مرضيءَ موجب فيصلي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.