پب بي کيڏڻ کان روڪڻ تي نافرمان پٽ ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

آن لائين پب جي گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي هڪ نوجوان پنهنجي ماءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اُتر پرديش جي شهر لکنئو سان واسطو رکندڙ 16 ورهين جو نوجوان تڪراري گيم کيڏي رهيو هو ته سندس ماءُ کيس گيم کيڏڻ کان روڪيو  جنهن تي نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪري پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته پڇاڳاڇا دوران نوجوان ڇوڪري ڪوڙي ڪهاڻي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.