ايران ۾ مسافر ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، 17 ڄڻا فوت، ڪيئي زخمي

ايران ۾ مسافر ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب مشهد کان يزد ويندڙ ٽرين جون پنج بوگيون پٽڙي سان لهي ويون. حادثي جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ 50 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا جن مان ڪيترن جي ئي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

اختيارين موجب زخمين ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته فوتين جي انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

حادثي  جو شڪار ٿيندڙ ٽرين ۾ 348 مسافر سوار هئا، جڏهن ته حادثي جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.