اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير شيري رحمان پي ٽي آءِ ايم اين جي آپگھاتي حملي جي ڌمڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ آپگھاتي حملا ڪندڙ پيدا ڪري رهيو آهي. هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ ايم اين اي جي آپگھاتي حملي جي ڌمڪي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هي ڪير ماڻهو آهن جيڪي ايوان ۾ ويهي دهشتگردي جهڙي عمل جي عڪاسي ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڏڦيڙ ۽ نفرت جي سياست ملڪ کي نقصان لاءِ ڪافي نه هئي؟ ڇا هاڻي پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر حڪومت کي دهشتگردن وانگي ڌمڪيون ڏيندا؟ سندس موجب ڪڏهن خوني مارچ جو چون ٿا ته ڪڏهن سموري فورس سان گڏ اسلام آباد تي چڙهائي جو چون ٿا ۽ انهن جو قائد چوي ٿو مونکي اقتدار ۾ آڻيو نه ته ملڪ جا 3 ٽڪرا ٿي ويندا.03