ٽنڊي غلام حيدر ۾ ناري خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ)ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ غلام محمد چانديو جو رھواسي 20سالن جي نوجوان سجاد علي چانديو وڻ ۾ رسو ٻڌي  ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي،وارثن جي اطلاع بعد حد جي متارو پوسٽ  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڦاهي تي ٽنگيل نوجوان جو لاش ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته اڃا تائين خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو،هوڏانهن ڳڀرو نوجوان سجاد علي چانڊيو جو مڙھ گهر پهچڻ بعد ڪهرام مچي ويو،ٻئي پاسي اڃا تائين واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو ٽنڊوغلام حيدر پوليس پاران واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.