اديب، ليکڪ مٺل حيدري ڪچهرين جو محور سنڌهو، ڀيٽا پيش

مورو (  ت ر ) مٺل حيدري جي ڪچھرين جو محور ۽ مقصد سنڌ ھيو،سنڌ جي قومي غلامي ۽ طبقاتي جدو جھد لائي سندس سنڌ لائي  ڪيل ڪم ساراھ جوڳو آھي،سندس وڇوڙو قومي تحريڪ لائي وڏو نقصان آھي،تعزيتي ميڙاڪي ۾ مقررن سندس شاندار لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي،جسقم آريسر طرفان سنڌ جي نالي واري اديب،دانشور،ڪالم نويس،سائين مٺل حيدري جو تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، وڏي تعداد ۾ سياسي،سماجي،علمي،ادبي، قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي،صدارتي خطاب اشرف لغاري ڪيو،اعزازي مھمان جيميئسٽ اڳواڻ شاھنواز سنڌي،جئي سنڌ محاذ جي ھاشم کوسو،اياز لنجار،حبيب خاصخيلي،ملوڪ کوسو،فيصل مستوئي،غلام علي گبول،ايس ٽي پي جي حبيب مشھوري،حميد پنھور،راجا جي ايم ڪورائي،عابد چانڊيو،ساجن ڪمار،نعيم پيرزادو،نيشنل پريس ڪلب جي صدر علي شير ڏيپر،دوست علي جيسر،۽ ٻين شرڪت ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ت سائين مٺل حيدري،سيڪيولر ذھن ھيو ۽ صوفين جي پيغام جو پوئلڳ ھيو،سائين جي ايم سيد جي فڪر،۽ سياست کان تمام گھڻو متاثر رھيو آخري دم تائين ثابت قدم رھيو،سندس ڪچھرين ۾ شاھ ڀٽائي،سچل سرمست،شاھ عنايت،مخدوم بلاول،جو درس ڏيندو ھيو،شاھ ڀٽائي جي بيتن جو پارڪو ۽ ياد حافظ ھيو،سائين اڄ اسان کان جسماني طور وڇڙيو آھي پر وسريو ناھي،آخري ۾ سندس وڏي پٽ خادم حسين چانڊيو کي پڳ ٻڌرائڻ واري رسم ادا ڪئي وئي ۽ آيل مھمانن کي پڻ ننگر ڪرايو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.