نوشهروفيروز: ٽائون ڪاميٽي ۽ ضلعي ڪائونسل جي ملازمن جو پگھارن مان ڪٽوتي خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ۾ ٽائون ڪاميٽي ۽ ضلعي ڪائونسل جي ملازمن پاران پگھارن مان ڪٽوتي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

نويد تڳر، ڪشن راجا، مولابخش شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ملازمن الزام مڙهيندي چيو ته ڪرپٽ آفيسر شجر الدين صديقي مقرري واري ڏينهن کان ئي ظلم شروع ڪري ڇڏيو آهي، هر مهيني پگھارن مان 5 کان 10 هزار ڪٽوتي ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته آفيسر شجرالدين صديقي ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، صفائي واري عملي لاءِ ٻهارن جا ايندڙ پئسا به هـڙپ ڪري وڃي ٿو.

ملازمن مڪاني کاتن واري وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.