غوث پور واسي سياسي ڪارڪن اغوا

غوث پور (رپورٽ:عبدالغفار اوڳاهي) غوث پور واسي سياسي ڪارڪن ماجد اوڳاهي اغوا ٿي ويو.ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان ماجد اوڳاهي هوٽل تان مزدوري  ڪرڻ بعد واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ نامعلوم ڪار سوار کيس اغوا ڪري کڻي ويا. نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته هنن جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، نوجوان  هوثل کان مزدوري ڪري پنهنجي ڳوٺ ويندي رستي مان اغوا ٿي ويو. اسان وس وارن کان مطالبو ڪيو ٿا ته اسان جي اغوا ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.