عمران خان جي ڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو هو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ۾ بني گالا ڪرپشن جو هيڊ ڪوارٽر بڻيل هو، ن ليگ کي پنهنجي سياست نه رياست جي ڳڻتي آهي. سوشل ميڊيا ٽيم کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪرپشن جي هيڊ ڪوارٽر بني گالا جو فرنٽ مين عثمان بوزدار ۽ فرنٽ پرسن فرح گوگي هئي، فرح گوگي رڳو پنجاب نه سڄي ملڪ جو حق کاڌو، ڪالهه آڊيو هلي رهي هئي، جنهن ۾ خاتون اول چئي رهي هئي ته مون کي 3 نه 5 قيراط جو هيرو گهرجي. هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهو انقلاب، جنهن کي گهٽي گهٽي مان نڪرڻو هو پنهنجون ضمانتون ڪرائي رهيو آهي، سپر پاور کي للڪارڻ وارو راهداري ضمانت لاءِ پشاور ۾ لِڪي ويٺو، ظلم سهڻ لاءِ توهان کي نواز شريف جهڙو جگر گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪو شخص 4 سال حڪومت ڪري ويو آهي، اهو ڪارڪردگي ٻڌائڻ لاءِ پرچي پڙهي رهيو هو، پوءِ به نه ٻڌائي سگهيو، ان شخص کي پرچي به پڙهڻ نه آئي، جنهن ڪو ڪم نه ڪيو اهو ڇا پڙهندو، ن ليگ جي 6 هفتن جي ڪارڪردگي مان ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.