آمريڪي ناريءَ سان گڏ ٻلي به گريجوئيشن مڪمل ڪري ورتي!

 

ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جي تعليمي ادارن ۾ ڪلاسون به آن لائن ٿي ويون هيون پر اهو ٻڌي توهان کي حيرت ٿيندي ته ان سهولت جو فائدو کڻندي هڪ ٻلي به گريجوئيشن ڪري ورتي.

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناري فرانسسڪا، جيڪا آسٽن ۾ يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي شاگردياڻي آهي، سان گڏ سندس پاليل ٻلي به ڪلاسون وٺندي رهي.

فرانسسڪا جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا اچڻ کانپوءِ ڪلاسون آن لائن ٿي رهيون آهن ۽ ”سوڪي“ نالي منهنجي ٻلي به مون سان گڏ ايپليڪيشن زوم تي ٿيندڙ سموريون ڪلاسون وٺي رهي آهي.

ناري پنهنجي انسٽاگرام تي ٻلي سان گڏ تصوير پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ نه رڳو فرانسسڪا پر ان جي ٻلي کي به اڪيڊميڪل ڊريس ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

تصوير جي ڪيپشن ۾ فرانسسڪا لکيو ته منهنجي ٻلي هڪ به ڪلاس مس نه ڪئي، تنهن ڪري مون سان گڏ اها به يونيورسٽي آف ٽيڪساس مان گريجوئيٽ ٿي وئي آهي.

فرانسسڪا جي ان پوسٽ تي يونيورسٽي جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان به هڪ ڪميٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ”توهان ٻنهي کي مبارڪ“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.