ماحوليات کي نصاب جو حصو بڻائي ڌرتيءَ کي محفوظ بڻايو

دنيا ۾ هن وقت ٻين سمورن موضوعن تي ماحوليات جو موضوع وڌيڪ حاوي ٿيندو پيو وڃي.پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي تبديليءَ پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا آهن،وڌندڙ آبادي، بي ترتيب تعميرات،پلاسٽڪ جو بي رحميءَ سان استعمال ،ٻيلن جي بي دردي سان واڍي،سمنڊ ۾ بنا ٽريٽمينٽ جي ڪني پاڻي جو ڇوڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار ٻارڻ جو استعمال،گاڏين جو دونهون ۽ ٻين اهڙن  عنصرن ملي ڪري ماحول کي تمام گهڻو گدلو ڪري ڇڏيو آهي.

انهن سمورن مسئلن تي هڪ عرصي کان دنيا جي ماهر ن ۽سائنسدانن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي پر ان هوندي به نت نوان مسئلا ۽ وڏن ملڪن جي هٺ ڌرمي ۽انهن پاران گهربل فنڊ فراهم نه ڪرڻ جي ڪري اهي مسئلا خوش اسلوبي سان حل نه پيا ٿين.

پنجاهه سال اڳ،ڌرتيءَ کي درپيش اهڙن دٻائن  وارن ماحولياتي خدشن کان پريشان ملڪ اسٽاڪ هوم ۾ گڏ ٿيا هئا.جنهن ۾ انساني ماحول جي تحفظ ۽ بهتري کي هڪ وڏو مسئلو قرار ڏنو ويو.

جنهن ڪري، ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشي ترقي متاثر ٿي رهي هئي.انهن ماهرن اهو به چيو هو ته هن سموري ڪائنات ۾ رڳو هڪ ڌرتيءَ ئي آهي جتي انساني حياتي آهي.ان کي هر صورت ۾ محفوظ بڻائڻ  ۾ ئي انسان جو بچاءُ آهي.

اڄ ماحوليات جي حوالي سان سموري دنيا ۾ اهو محسوس ڪيو پيو پيو وڃي ته هن ماحول  کي ٻئي ڪنهن نه پر خود انسان جي چُرپُر مان ئي خطرو آهي. جنهنڪري دنيا کي ان خطري مان صرف ان صورت ۾ ئي بچائي سگهبو جڏهن انسان شعوري طور تي هتي جي جهنگلي جيوت، نباتات ۽ حيوانات، ماحولياتي نظام جو خيال ڪندو۽ ان جي محتاط ۽ جٽادار استعمال ڪرڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهندو.

حقيقت ۾ بي ترتيب  انساني رهائش۽ ڌرتيءَ جي وسيلن جي ظالماڻي نموني سان ڀيل ڪرڻ ڪري  ڌرتيءَ جي گولي جو عالمي گرمي پد وڌي رهيو آهي.ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيستائين گرمي جي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کي ڪنٽرول نٿو ڪيو وڃي تيستائين ماحول کي بهتر ڪري نٿو سگهجي.

پاڪستان جھڙي اسرندڙ ملڪن لاءِ ڌرتيءَ جي موسمي تبديلين خطري جي

بيمارين جي پکڙجڻ، خوراڪ جي کوٽ، پاڻي جي قلت، غربت ۽ انساني حقن جي ٻين ڀڃڪڙين سميت، ملڪ لاءِ سخت سلامتي ۽ وجودي خطرن کي جنم ڏنو آھي.  پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن وٽ، وري جي موسم جي ڦيرن  ۽ موسم سان لاڳاپيل آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت انتهائي گهٽ آهي.

ڪاربن جي آلودگي ۾ ان جو وڏو حصو آهي.

اڳوڻي حڪومت جي ڪوئلي کان پاسو ڪرڻ جي واعدي جي باوجود، ملڪ فوسل فيول تي ڀاڙيندو رهي ٿو، زرعي ۽ پاڻي جي انتظام جا طريقا قديم ۽ ڪاربن تي مشتمل آهن، جڏهن ته ٻيلن جي واڍي جاري آهي.گندگي ۽ پلاسٽڪ جو سرعام استعمال جاري آهي.

تبديليءَ واري موسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي ناڪامي جو

اصل سبب پڻ  پائيدار ترقي وارو رستو اختيار نه ڪرڻ ۽ ناڻي جي کوٽ ئي آهي.ان سان گڏ انهن مسئلن کي هن ملڪ ۾ گهڻي اهميت نٿي ڏني وڃي، جنهنڪري ملڪ ۾ موسم جي پيدا ٿيندڙ مسئلن بابت ڪا جوڳي حڪمت عملي نٿي جوڙي وڃي.

سموري دنيا ۾ هاڻي ماحول اهم اشو آهي جنهن تي تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي،ماهرن جي ڪوششن سان ماحوليات بابت ڪافي شعوربه پکڙيو آهي،عالمي سطح تي ٿيندڙ ڪوششن سان عوام ۾ هن پاسي ڏانهن گهڻي هاڪاري راءِ جڙي رهي آهي، جنهن سان اها توقع پيدا ٿي رهي آهي ته ويجهڙائيءَ ۾ عوامي دٻاءُ اڃان وڌندو جنهن سان حڪومتون ماحوليات واري قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿينديون.

ننڍي کنڊ ۾نه رڳو پاڪستان پر هندستان جي لاءِ پڻ ماحوليات جا خطرا موجود آهن پر پاڪستان ۾ عام طور تي قانون تي عمل گهٽ ٿئي ٿو جنهنڪري ملڪ ۾ موجود قدرتيءَ وسيلا تيزي سان تباهه ٿي رهيا آهن.

هڪڙي لحاظ سان هن ملڪ ۾ وسيلن جي ڪا کوٽ نه آهي،پر انهن کي بچائڻ جي لاءِ شروع کان ئي ڪا ڪوشش نه ورتي وئي ته ٻئي پاسي اهڙي منظم شعور جي گهٽتائي پڻ رهي آهي.

هتي جبلن جا وڏا سلسلا به آهن تي برفاني ڇپون به آهن،قدرتي درياهه به آهن تي سامونڊي ڪنارا به آهن،ته وري دنيا جا بهترين ٻيلا به آهن،مٺي پاڻي جون وڏيون ڍنڍون به آهن،وڏيون ۽ وسيع واديون پڻ آهن،چشما به آهن ته ريگستان به آهن، ملڪ جي قدرتي وسلين سان مالا مال هن ملڪ ۾ ان حساب سان ڪا ڪمي نه آهي. اصل معاملو انهن کي بچائڻ جو ۽ انهن جو پائيدار استعمال آهي.

پاڪستان ۾ ايندڙ هر حڪومت اهو ته چوندي آهي ته اها ماحول  جي لاءِ ڪم ڪندي پر عملي طور تي هي ملڪ ايترن مسئلن جي ور چڙهيل آهي جو  ڪنهن به حڪومت ان اهم۽ بنيادي مسئلي ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏنو آهي،اهو مسئلو ڪڏهن به ايجنڊا تي نه رهيو آهي. ڪي معاملا ته ايترا معمولي آهن جو انهن ان طرف ڏيان ڏئي ۽ عوام کي ترغيب ڏني وڃي ته به ڪافي ڪم ٿي سگهي ٿو.جنهن ۾ وڻن پوکڻ ،صفائي جي جوڳي انتطام بابت مهم هلائڻ شامل آهن.جيڪڏهن سرڪاري سطح تي اهڙي مهم هلائي وڃي ۽ ان ۾ تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي ته ان جا هاڪاري نتيجا فوري طور تي اچي سگهن ٿا.

عالمي سطح تي هلندڙ مهم جو حصو بڻجندي پاڪستان خاص ڪري سنڌ سرڪار کي فوري طور تي ماحوليات کي سيڪنڊري سطح کان نصاب جو حصو بڻايو وڃي جيئن هيٺين درجن کان ئي هن اهم مسئلي بابت شعور جنم وٺي سگهي، جنهن سان ئي اسين مستقبل کي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي موسمن جي تبديليءَ واري خطري کان بچائي سگهون ٿا.

سرڪار هن پاسي ڌيان ڏئي پنهنجي ماحول کي بهتر ڪري سگهي ٿي ته وري عالمي دنيا وٽ پنهنجي ساک به بهتر ڪري سگهي ٿي، ان سان ئي اسين هڪ بهتر دنيا ڏانهن وک کڻي سگهون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.