بلاول جي منظر تان غائب رهڻ تي سوال اٿڻ لڳا

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي حلف کڻڻ بعد منظرعام تان غائب ٿيڻ تي اينڪر پرسن سليم صافي ۽ ڪامران خان سوال اٿاري ڇڏيا ۽ وزيراعظم کي درخواست ڪري ڇڏي ته کيس پاڪستان دوري جي دعوت ڏني وڃي، سليم صافي ٽوئيٽ ڪيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو حلف کڻندي ئي ملڪ مان غائب آهي، وزيراعظم کي درخواست آهي ته کيس پاڪستان دوري جي دعوت ڏئي ته هتي جي حالتن کان به ٿوري آگاهي حاصل ڪري سگهي،اينڪر ڪامران خان چيو ته بلاول ڀٽو حلف کڻڻ کانپوءِ تقريبن گمشده آهي، ميڊيا هن جي گمشدگي تي پريشان آهي، هونئن به بلاول جي آءِ ايم ايف، ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي حوالي سان سخت موقف تي هن جي حڪومت جي فيصلن تي تبصرا گهربل آهن، بلاول جي غيرموجودگي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه 60 رپيا ليٽر وڌي ويا آهن، ان ڪري هن جو ڪاوڙيل ردعمل گهربل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.