سڌو موسي والا جي موت کانپوءِ دماغ ڪم نه پيو ڪري: هني سنگهه

 

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ گلوڪار يويو هني سنگهه چيو آهي ته سڌو موسي والا ۽ ڪي ڪي جي موت تي وڏو ڏُکارو آهيان.

گڏيل عرب امارتن ۾ انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊز ۾ ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هني سنگهه چيو ته ڀارتي ميوزڪ انڊسٽري ٻه هيرا وڃايا، سڌو موسي والا ۽ ڪي ڪي جي موت هڪ خال ڇڏيو آهي ۽ سڄي قوم سوڳ ۾ آهي.

هن چيو ته سڌو موسي والا ۽ ڪي ڪي اوچتي موت جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، خاص طور تي سڌو جي موت جو گهڻو افسوس ٿيو ته هن سان ڇا ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو 3 کان 4 ڏينهن تائين دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ته سڌو موسي والا سان ڇا ٿي ويو، سڌو هڪ زبردست آرٽسٽ هو، گلوڪارن جي موت سان انڊسٽري کي وڏو نقصان پهتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.