بار ۽ بئنچ ۾ جهيڙو برقرار، سٽي ڪورٽ کي چوٿين ڏينهن به تالا

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) ڪراچي ۾ بار ۽ بئنچ ۾ جهيڙو برقرار آهي، سٽي ڪورٽ کي ڪالهه چوٿين ڏينهن به تالا لڳايا ويا، سائلين پريشانين کي منهن ڏنو، سنڌ بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي بار، سکر بار، حيدرآباد بار ۽ لاڙڪاڻي بار سميت سنڌ جي سمورن ڊسٽرڪٽ بار جي نمائندن گڏجي سنڌ بار ڪائونسل جي آفيس ۾ پريس ڪانفرس ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته جيسيتائين معاملا حل نٿا ٿين احتجاج جاري رهندو، وڪيل اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي جسٽس جي سربراهي ۾ هڪ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن ۾ سمورين بارن جي اڳواڻن کي شامل ڪيو وڃي، سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي جلباڻي چيو ته اسان خوشي ۾ عدالتون بند نه ڪيون آهن، اسان کي چيف جسٽس احمد علي شيخ معاملو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پر اڳڀرائي نه ٿي آهي، انڪري اسين آخري حد تائين احتجاج ڪنداسين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خالد شاهاڻي کي هٽايو وڃي.

لاڙڪاڻو جيل ۾ ڇڪتاڻ برقرار، قيدي جي آپگهات ڪوشش جي وڊيو وائرل

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميه ۽ قيدين وچ ۾ پنجين ڏينهن به ڇڪتاڻ، قيدين طرفان ويڊيو وائرل ڪندي ماني نه ملڻ تي قتل ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ قيدي طرفان ڦاهو کائي خودڪشي واري ويڊيو وائرل ڪري ڪندي دعويٰ ڪئي ته ماني نه ملڻ تي قيدي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪجهه ڪلاڪن بعد قيدي واقعي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، احتجاج ڪندڙ قيدين سهولتون فراهم ڪري ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيل قيدين کي واپس سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ گذريل پنجن ڏينهن کان ڪجهه قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪرڻ واري معاملي تان ڪالهه پنجين ڏينهن به ڇڪتاڻ رهي جتي قيدين هڪ قيدي جي ويڊيو وائرل ڪندي دعويٰ ڪئي ته ماني نه ملڻ تان قتل ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ قيدي نظام جتوئي ولد عمر جتوئي رومال سان ڦاهو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي اهڙيون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيڻ تي ڪجهه ڪلاڪن بعد ساڳي ئي قيدي نظام جتوئي جيل مان پنهنجو ويڊيو جاري ڪندي واقعي کي قيدين جو ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته منهنجو پنهنجي ڀاءُ سان گهر جو مسئلو هلندڙ آهي جنهن سان ڪجهه ڪلاڪ پهريان چڙيس ۽ منهن ماري ٿي جنهن ڪري آءُ پريشان هيس ته ان دوران قيدين مون کي رلي ۾ ويڙهي جيل اندر گهمائي منهنجي ويڊيو وائرل ڪندي واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڊرامو ڪيو آهي ۽ مون ڦاهو کائي خودڪشي ناهي ڪئي. هوڏانهن قيدين پنجين ڏينهن به پنهنجو احتجاج جاري رکيو. پنهنجا مختلف ويڊيو وائرل ڪندي قيدين دانهيندي الزام لڳايو ته جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ بلاجواز قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪري اتي کين تذليل جو نشانو بڻائي سندن مٿان تشدد ڪري رهيو آهي جنهن خلاف قيدين احتجاج ڪيو ته جيل سپريٽيڊنٽ سمورن قيدين جي ماني، پاڻي ۽ بجلي بند ڪري ڇڏي جنهن ڪري پنجن ڏينهن کان اڪثر قيدين جي حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ ماني نه ملڻ تي مختلف مرضن ۾ مبتلا قيدي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته پنجن ڏينهن کان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جا قيدي سراپا احتجاج بڻيل آهن پر لاڳاپيل اختياريون قيدين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه ئي هن وقت تائين ڪنهن رابطو ڪيو آهي. هنن چيو ته اسين قيدي به انسان آهيون پر سينٽرل جيل ۽ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدين سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي هٽائي سندس جاءِ تي ايماندار ۽ انسان دوست جيلر کي مقرر ڪري گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊسٽرڪٽ جيل اماڻيل قيدين کي ٻيهر سينٽرل جيل منتقل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.