سنڌ جي زمينن تي قبضا پيا ٿين، سماج مان مزاحمت جي طاقت گهٽجي رهي آهي: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: شفقت نوناري) سنڌ جي ساڃاهه وندن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن کي صلاح ڏني آهي ته هو ايندڙ اڌ صدي دوران اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪري ته جيئن سنڌ جا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل ٿي سگهن،  اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي نامياري دانشورن شهاب اوستو، اشفاق احمد ميمڻ، نصير ميمڻ، پروفيسر خالد حبيب چنا ۽ ٻين ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ هلندڙ سگا جي گولڊن جوبلي جي تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي نامياري وڪيل شهاب اوستو چيو ته سنڌ ۾ وچولو ڪلاس اڀريو آهي ۽ اهو شهرن ۾ آباد به ٿيو آهي جتي هو تعليم ۽ روزگار جي حوالي سان سهولتون حاصل ڪري رهيو آهي پر ان سموري صورتحال ۾ نقصان اهو ٿيو آهي جو ٻهراڙين ۾ جاگيرداري سرشتو وڌيڪ سگهارو ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي سماج مان مزاحمت جي طاقت گهٽجي رهي آهي، جيڪا ڳالهه سنڌي سماج لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب آهي، شهاب اوستو چيو ته سنڌ جي حالت ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي، سنڌ ۾ سامونڊي پٽي ۽ سپرهاءِ وي ڀرسان سرڪاري زمينون ٻين ماڻهن کي الاٽ ڪيون ويون آهن، اهي زمينون رڳو عوامي مفادن ۾ الاٽ ڪري سگهجن ٿيون، ان کانسواءِ ڪنهن به ٻئي مقصد لاءِ زمين جي الاٽمينٽ غيرقانوني آهي، هن چيو ته ان کانسواءِ ذوالفقار آباد رٿا لاءِ 13 لک زمين الاٽ ڪرڻي آهي جنهن لاءِ ڪافي زمين الاٽ ٿي چڪي آهي ۽ اتي ڪارخانا لڳايا ويندا جنهن لاءِ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ گهربل افرادي قوت تيار نه آهي. ان ڪري ذوالفقار آباد رٿا جي نتيجي ۾ اسان کي فائدا نه ٿي سگهندا،  هن چيو ته زمينون الاٽ ٿيڻ سان صديون پراڻا ڳوٺ تباهه ٿي رهيا آهن. هن صلاح ڏني ته فوري طور صدين کان آباد انهن ڳوٺن  جي سروي ڪئي وڃي ۽ انهن ڳوٺن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جي ڊيموگرافي کي سخت نقصان رسندو. شهاب الدين اوستو  وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تعليم، پاڻي ۽ بجلي جي حوالي سان صورتحال  ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي اٽڪل 70 لک شاگرد اسڪول کان ٻاهر آهن، وچ  ۾ پڙهائي ڇڏي ويندڙ شاگردن جو انگ به گهڻو آهي ۽ اهي سڀ اهڙا مسئلا آهن جن لاءِ سگا کي حڪمت عمليون جوڙڻ کپن. نامياري اڳوڻي ڪاموري اشفاق احمد ميمڻ چيو ته هاڻي نعرن وارو زمانو ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي رڳو عملي ڪم ڪرڻ جو زمانو آهي هن چيو ته هن وقت سنڌ صوبي ۾ قائم فني تعليم جا 90 سيڪڙو مرڪز بند پيل آهن جنهن جا اسين پاڻ ذميوار آهيون، هن چيو ته سگا کي نيون حڪمت عمليون تيار ڪرڻيون پونديون ۽ غريب ماڻهن جي قسمت بدلائڻ کي اوليت ڏيڻي پوندي. غير سرڪاري تنظيم هينڊز جي اڳواڻ ڊاڪٽر تنوير شيخ چيو ته ايندڙ اڌ صديءَ ۾ سگا کي عوام ۾ پنهنجي ساک اڃان وڌيڪ بهتر بڻائڻي پوندي. هن چيو ته جيڪب آباد ضلعو وڌيڪ گرم ثابت ٿيو آهي ان ڪري سگا کي صوبي ۾ ماحولياتي صورتحال بهتر  بنائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻا پوندا. هن چيو ته ترقي اهڙي هئڻ گهرجي جنهن مان آباديءَ جا سڀ طبقا هڪجهڙو فائدو حاصل ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.