ڪي ڪي طبي موت نه مئو: پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوان انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڳائڻي ڪرشن ڪمار عرف ڪي ڪي جي اوچتي موت بابت مداحن ۾ ڳڻتي آهي ڇو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوان انڪشاف سامهون آيا آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سندس مٿي ۽ چپن تي مبينا طور تي ڌڪ جا نشان هئا جنهن بعد پوليس غير طبي موت جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته ڪي ڪي کي اينٽاسڊس ڏنو ويو هو ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته تڪليف کي گهٽائڻ لاءِ اهو استعمال ڪيو ويو هجي.

پوليس آفيسر انڪشاف ڪيو ته ڪي ڪي جي زال به اعتراف ڪيو ته هن کي ڊاڪٽرن طرفان دوائون ڏنيون ويون هيون.

ڊاڪٽرن موجب کيس وقت تي انجيڪشن لڳي ها ته سندس حياتي بچي پئي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.