ڀارتي اداڪار ڪارتڪ آريان موتمار بيماري ۾ مبتلا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڀرندڙ بالي ووڊ اداڪار ڪارٿڪ آريان ڪورنا وائرس ۾ وٺجي ويو، جنهن کاپوءِ سندس آئيفا ايوارڊز 2022ع ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.

سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام ڪارتڪ پنهنجي ڪورنا وائرس ۾ مبتلا هئڻ جو اطلاع ڏنو، ڪارتڪ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي تصوير شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته سندس ڪورونا وائرس ٽيسٽ مثبت آئي آهي.

آئيفا مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ڪارتڪ جي آئيفا ايوارڊز 2022ع ۾ شرڪت پڻ خطري ۾ پئجي وئي آهي.

ذريعن موجب آئيفا انتظاميا ڪارتڪ جي ڀول ڀليا 2 جي ڪاميابي کانپوءِ کيس شو ۾ پرفارم ڪندو ڏسڻ چاهي پئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.