ايئن شاهي خرچ گهٽايو… سڄو بار عوام تي نه وجهو

موجوده حڪومت پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ سان سموري ملڪ ۾ عوامي سطح تي احتجاج شروع ٿي ويو آهي،اهڙي اعلان کانپوءِ  ڪراچي جي سموري شهر ۾  پمپ اسٽينشنن عوام کي پيٽرول وڪرو ڪرڻ روڪي ڇڏيو. جنهن ڪري ماڻهن کي تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.ٻئي طرف جمعي واري ڏينهن سموري ملڪ ۾ احتجاج پڻ ٿيا.

هاڻوڪي سرڪار پاران ويجهڙائي ۾ مجموعي طور تي 60 رپيا في ليٽر تي پيٽرول ۽ ڊيزل تي واڌ ڪئي وئي آهي.جنهن سان لازمي طور تي عوام جي مٿان تمام  وڏو بار پئجي ويو آهي.هڪ ته اڳي ئي مهانگائي جي ڪري عام خلق گهڻي معاشي دٻاءُ ۾ آهي مٿان وري هاڻوڪي فيصلي سان رهي سهي ڪسر به پوري ٿي وئي آهي.پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل جو في ليٽر 200 رپين کان وڌي وياآهن.

گذريل ڪافي عرصي کان ملڪ جي معاشي صورتحال جي جيڪا  تصوير پيش ڪئي پئي وئي ان مان ئي اهو اندازو هو ته هر ايندڙ ڏينهن ملڪ ۾ معاشي طور تي  وڌيڪ ڏکيو هوندو.  هاڻوڪي معاشي بحران جو سبب ڪو رات وچ ۾ پيدا نه ٿيو آهي ان جو  هڪ لڳاتار تسلسل آهي،هن ملڪ جو اصل مسئلو ملڪ جي غيرترقياتي بجيٽ آهي، ملڪ ۾ لگزري شين جو ٻاهران گهرائڻ به ان جو هڪ سبب آهي، جڏهن ته ملڪ جي قومي معاشي پاليسي جي جٽادار نه هئڻ جي ڪري به ملڪ هن طوفان ۾ اچي ڦاٿو آهي.ان جو هڪ ٻيو سبب اهو پڻ آهي ته ملڪ جي عوام جي ٽيڪس سان هلندڙ هر سرڪار پاڻ تي يا وري پنهنجي وزيرن مشيرن جي وڏي فوج جي شاهي خرچ ۾ ڪڏهن پڻ گهٽتائي ڪرڻ تي نه سوچيو آهي.

هن وقت جي صورتحال نه رڳو هن حڪومت پر خود ملڪ جي لاءِ به انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي، عرصي کان مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عوام ۾ هاڻوڪي پيٽروليم جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ سان جيڪا ڪاوڙ نظر اچي رهي آهي. ان صورت ۾ ڪو به اڳواڻ عام ماڻهون کي اهو سمجهائي نٿو سگهي ته هي وقت عوام جي قرباني ڏيڻ جو آهي.وري جڏهن حالتون بهتر ٿيون ته ان جو فائدو پڻ عوام کي ڏنو ويندو، نٿو لڳي ته سرڪار يا ڪنهن سياسي اڳواڻ جي اهڙي ڳالهه تي هن وقت عوام خاموش ٿي ويهي رهي.

ٻئي پاسي چيو پيو وڃي ته  آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني  رپئي جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي پر اها رفتار بنهه سست آهي.ان کانسواءِ خميس واري ڏينهن سون جي هڪ  تولي جي قيمت ۾ 1300 رپين جي واڌ ٿي آهي.اهي سموريون علامتون آهن جنهن سان مهانگائي وڌڻ جا اشارا ملي رهيا آهن. هڪ طرف مهانگائي جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي ته وري ٻئي طرف بجلي جي في يونٽ ۾ 7 رپيا 91 پئسا وڌايا ويا آهن.اهو سمورو بار هر صورت ۾ عوام جي بجيٽ تي پوي ٿو، جنهن ڪري هاڻي عوام گهڻو پريشاني ۾ مبتلا  ٿي ويو آهي.

سنڌ سرڪار پاران هڪ مثبت ڳالهه هي سامهون آئي آهي ته وڏي وزير پاران پنهنجي وزيرن ۽ سرڪاري ڪامورن کي مفت پيٽرول واري ڪوٽا ۾ چاليهه سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو آهي،اهو ان لحاظ سان ڪافي حد تائين مثبت فيصلو آهي ڪراچي ميٽرول پوليٽن ڪارپوريشن جي ايڊمسٽريٽر پڻ پنهنجي اداري جي پيٽرول واري ڪوٽا ۾ چاليهه سيڪڙو ڪمي جو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي سرڪار پڻ وفاقي ڪابينا ۽ سرڪاري ڪامورن جي پيٽرول ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو  اعلان ڪيو آهي هوڏانهن ميڊيا جي رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پڻ پيٽرول واري سرڪار وزيرن ۽ آفيسرن جي ڪوٽا ۾ پنجٽيهه سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هن کان اڳ اسان هن اخبار ۾ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ سرڪار کي اهڙي صلاح ڏني هئي ته ملڪ جي معاشي بحران کي نظر ۾ رکندي جڏهن حڪمران پنهنجا شاهي خرچ گهٽ ڪندا ته ان سان عوام توڙي آفيسر يا ڪامورا اهو سکندا ته اهي پڻ پنهنجي خرچ ۾گهٽتائي ڪندا ، ڇاڪاڻ جو قرباني جي ابتدا پنهنجي گهر کان ڪئي ويندي آهي. اميد ڪجي ٿي ته وفاقي ۽صوبائي حڪومتن توڙي ٻين سرڪاري ادارن پاران هاڻوڪي حالتن ۾ پنهنجن خرچ گهٽائڻ واري اعلان تي عمل به ڪري ڏيکاريندا جيئن اهو مثال قائم ٿي سگهي.

جيتوڻيڪ سرڪار پاران اهڙا ڪيل اعلان بنهه ناڪافي آهن پر ان عمل مان عوام کي اهو احساس ڏياري سگهجي ٿو ته سرڪار پاڻ به ڏکين حالتن ۾ قرباني ڏيڻ چاهي ٿي.هتي اها به توقع ڪجي ٿي ته سرڪار ان سلسلي ۾ وڌيڪ به ڪي مثالي قدم کڻي هنن حالتن ۾ ملڪي معيشيت کي سنڀالڻ ۾ پنهنجو حصو داخل ڪندي.

وزيراعظم چئي پيو ته اهو پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو  هن پنهنجي دل تي پٿر رکي ڪري ڪيو آهي پر ان جو گهڻو اثر عام ماڻهونءَ تي پئجي رهيو آهي جنهنڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ان خلاف دانهن ٿي رهي آهي ۽ عوام احتجاج به ڪري رهيو آهي.

هنن معاشي حالتن مان نڪرڻ جي لاءِ رڳو عالمي مالياتي ادارن جي قرض تي ڀاڙڻ سان ملڪ ۾ ڪا به هاڪاري تبديلي نه ايندي ان سان ته ملڪ اڳي کان وڌيڪ قرضن ۾ ڦاسندو ويندو، جنهنڪر ي ملڪي معاشي ماهرن کان هن بحران مان نڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مشورا ڪري ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جوڳي حڪمت علمي جوڙڻ جي ضرورت آهي،

اهو هاڻي تسليم ڪرڻ گهرجي ته هن ملڪ  کي هن حال ۾ پهچائڻ جو ڏوهه عوام نه ڪيو آهي انڪري عوام تي وڌل بار گهٽ ڪرڻ ۾ اهي سمورا ادار به اڳيان اچن جيڪي ان جا اصل ذميوار آهن.

جتوڻيڪ هن وقت سموري دنيا ۾ معاشي بحران جي لهر جاري آهي، پر ڪيترا ئي ملڪ اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي مضبوط معاشي پاليسي سان ان کي منهن ڏئي رهيا آهن،پهرين اهو قبوليو وڃي ته هن ملڪ جي بجيٽ جو وڏو حصو غيرترقياتي مد ۾ خرچ ٿئي ٿو ان کي ڪيئن روڪبو. ان تي هاڻي نه ويچاريو ويو ته پوءِ ڪڏهن غو رڪيو ويندو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.