پي ٽي آءِ جي غلط معاهدن سبب مهانگائي ٿي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي غلط معاهدن جي ڪري عوام مهانگائي جو بار برداشت ڪرڻ تي مجبور آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 2018 ۾ ن ليگ جي حڪومت ختم ٿي ته ڊالر 115 رپين جو هو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان سيزفائر جي اعلان جي حڪومتي سطح تي آجيان ڪريون ٿا. اطلاعات واري وزير جو چوڻ هو ته پابندي پيل تحريڪ طالبان سان 2021 ۾ ڳالهيون شروع ٿيون، پابندي پيل تحريڪ طالبان سان هي ڳالهيون حڪومتي سطح تي ٿي رهيون آهن، افغان حڪومت ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.