داد لغاري جي واهن ۾ پاڻي نه پهتو، فصل پوکائي نه ٿي، احتجاج

داد لغاري (رپورٽ : امجد لغاري  )داد لغاري ۽ ڀرپاسي   جي واهن ۾ اڃا سوڌو پاڻي نه ڇڏيو ويو,پاڻي نه ڇڏڻ ڪري آبادگار هن سال به وقت سر فصل پوکي نه سگهندا جڏهن ته نرلي مائنر، شاهه مائنر، ريتي مائنر، پتافي مائنر، سيهڙ واهه، جادو مائنر، لوئر ڏهرواهه ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري واري اڏامڻ لڳي جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان آهن، هن سال پاڻي وقت سر نه پهچڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، فصل نه ٿيڻ ڪري آبادگارن جو اربين روپين جو مالي نقصان پهچڻ جي خدشي سبب سخت مالي بحران جي ور چڙهي ويندا، واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري مالوندن ماڻهن جو چوپايومال اُڃ وگهي مرڻ لڳو آهي، ان موقعي تي اڳواڻن ۽ آبادگارن ڪمال خان شر، عبدالرزاق شر، محمود گبول، نظير لغاري، ڪامريڊ رانجهن لغاري ۽ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڏهرڪي سب ڊويزن جي  واهن ۾ هڪ مهينو گذرڻ باوجود پاڻي ناهين ڇڏيو ويو هنن الزام ڏيندي چيو ته  پڇڙي جي آبادگارن سان انجنئرخورشيد کوکر  ۽ سيڊا ڊائريڪٽرساجد ڀٽو رشوت عيوض پاڻي بااثرن جي واهن مسو واهه ۽ ماهي واهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ سميت واهن جي کاٽي جي مد ۾ آيل 13 ڪروڙ روپيه هڙپ ڪري ويا آهن، کاٽي نه ٿيڻ ڪري هن سال به نرلي مائنر،شاهه مائنر سميت سمورن واهن جي پڇڙي جي آبادگارن جي زمينن تائين پاڻي نه پهچايو ويندو هنن چيو ته هر سال  وانگر ڏهرڪي سب ڊويزن جي واهن ۾ پاڻي وقت سر نه ٿو وڃي جنهن سبب اسان جون هرسال هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون آهن واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري پڇڙي جي آبادگارن تائين سڄو سال پاڻي نه ٿو پهچي جنهن جي ڪري چوپايومال به اڃ وگهي مري رهيو آهي هنن چيو ته پاڻي بعد واهن مٿان غيرقانوني موڳا ۽ ليفٽ مشينون لڳائي اسان کي پاڻي جهڙي نعمت کان محروم رکيو ويندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.