عمران خان! هاڻ گهڻو ٿي ويو، اسان گهڻو ٻڌي ورتو: مراد شاهه

ملير( رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته شهيد مرتضيٰ بلوچ پارٽي جو اهم اثاثو آهي، عمران خان!  هاڻ گهڻو ٿي ويو، اسان گهڻو ٻڌي ورتو. ملير ۾ شاهه شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي ورسي جي  موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ، محمد انور بلوچ سان گڏ دعا ڪئي. ورسي جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد مرتضيٰ بلوچ پارٽي جو اھم اثاثو ھو سندس خال ڀرجي نه ٿو سگهجي، ڪرونا جي وبا ۾ سندس اھم ڪردار ھو، شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون، ھن ملير واسين لاءِ گڏاپ جي ڏورانھين علائقي ۾ اسپتال قائم ڪرائي، منھجو ويجھو دوست ۽ ساٿي ھو. هو سياسي خدمتن سان گڏ سماجي ڪمن ۾ ڪافي اڳ ڀرو ھو، وڏي وزير هڪ ٻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته  عمران خان! هاڻ گهڻو ٿي ويو، اسان گهڻو ٻڌي ورتو. مراد شاهه  چيو ته هي ڪڏهن ايٽم بم ڪيرائڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ته ڪڏهن ٻي، هن جي حڪومت ۾ سنڌ کي گهٽ فنڊ مليا. هن چيو ته وزيراعظم کي چوان ٿو ته اڳوڻي حڪومت اسان کي پوئتي ڌڪيو، اسان جي مدد ڪئي وڃي. يوسف مرتضيٰ بلوچ جي اندر شھيد جو عڪس نظر اچي ٿو. ان موقعي تي شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي فرزند ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ چيو ته شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ ملير جي ماروئڙن جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي، سندس ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي، شهيد جهر جهنگ ۾ وڃي عوام جا مسئلا ۽ ڏک سور ٻڌندو هو ۽ انهن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندو هو، آئون ڪوشش ڪندس ته شهيد بابا جي نقش قدم تي هلندي ملير سميت سڄي سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪندس. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي ٻئين ورسي جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي پيغام ۾ چيو آهي ته مرحوم مرتضيٰ بلوچ هڪ مخلص ۽ ثابت قدم اڳواڻ هيو مرحوم جي شخصيت ۽ سياسي ڪردار کي اڄ تائين ياد ڪيو پيو وڃي، مرحوم مرتضيٰ بلوچ حقيقي معنيٰ ۾ پارٽي جو وڏو اثاثو هيو، شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ پنهنجي تڪ سميت گڏاپ، ملير ۽ سنڌ جي عوام لاءِ ڪيل خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.