فوج عمران لاءِ ضمانت نه ڏئي ته هو تباهي جي ڳالهه ڪري ٿو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سڄي زندگي جنهن هٿ کارايو، عمران خان انهيءَ کي ڪٽي ڇڏيو، جنهن وڻ پاڇو ميسر ڪيو، عمران خان ان تي ڪهاڙي هلائي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته هو حڪمران رهي، پاڪ فوج عمران خان جي حڪمراني جي ضمانت نه ڏئي ته هو ان جي تباهي جي ڳالهه ڪري ٿو، هن چيو ته 75 سالن ۾ بحران آيا، پر ڪنهن ملڪ ٽٽڻ يا فوج جي تباهي جي ڳالهه نه ڪئي، هن سوال ڪيو ته ڇا ملڪي سلامتي ۽ فوج جو وجود عمران خان جي اقتدار سان مشروط آهي، هوڏانهن وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته فوج ڪهڙا فيصلا درست ڪري، عمران خان وضاحت ڪري، توهان کي ٻيهر مڙهڻ ڇو ضروري آهي؟ هن چيو ته عدليه ۽ فوج کي مخاطب ڪرڻ کان پهرين عمران انتشار ۽ نفرت جي ايجنڊا ڇڏي سياسي برادري جو حصو بڻجڻ سکي، هن چيو ته اهو ڪير هو ته تماش بيني بند نه ٿي ته عمران سيريز جا اصل سهولتڪار پنهنجي بدصورتي سميت سامهون ايندا، اڪثريت رٽائرڊ ٿي چڪي آهي، جيڪي باقي آهن اهي هارمڃڻ بدران اڃا تائين ڪهاڻي جو رخ بدلائڻ ۾ لڳيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.