خيرپور ڀرسان هڪ ڀاءٌ کي قتل ٻئي کي زخمي ڪرڻ خلاف وارثن جو ڌرڻو

خيرپور( ڊ ر )خيرپور ڀرسان 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ صالح سولنگي ۾ سولنگي برادري هٿان چوري جي الزام هيٺ گوليون هڻي هڪ ڀاءُ مقصود  شر کي قتل ٻئي ڀاءُ سعيد شر کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف مقتول مقصود شر جي وارثن وحيد شر، ربنوازشر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شر برادري پاران ڪرم آباد وٽ قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيون ويو آهي. مظاهرين خيرپور پوليس خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ اسان جا نوجوان ٽوئا ٺاهڻ لاءِ ڪچي مان سَرَ لُڻڻ لاءِ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته ڳوٺ صالح سولنگي وٽ سولنگي برادري جي هٿياربندن کين روڪي پڇاڳاڇا ڪرڻ باوجود ڳوٺ مان چوري ڪرڻ جو الزام ڄاڻائي کين گوليون هڻي اسان جي هڪ نوجوان مقصود شر کي موقعي تي قتل ڪرڻ بعد سندس ساڻس گڏ ٻئي ڀاءُ سعيد شرکي به زخمي ڪيو هو. مظاهرين موجب اسان جا ٻئي نوجوان چور نه پر هو پورهيت هئا جيڪي پورهيو ڪرڻ لاءِ ڪچي مان سَر لُڻڻ وڃي رهيا هئا. مظاهرين موجب اسان ٽي ڏينهن پهريان به مقتول جو لاش رکي ڌرڻو هنيو هو جتي پوليس پهچي انصاف ڏيارڻ جي يقين ڏيارڻ باوجود هن محل تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. مظاهرين جو چوڻ آهي ته اسان جي زخمي ٿيل نوجوان سعيد شر کي به پوليس هن محل تائين قيد ڪري ڇڏيو آهي جيڪا سراسر ناجائزي آهي هنن ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جي گھر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.