منهڙو جي آبادگارن جو بنا جواز شاخن کي بند ڪرڻ خلاف ڌرڻو

منهڙو (رپورٽ: عرفان علي ڏاهري )منھڙو ڀرسان روھڙي ڪينال جي يوسف ڏاھري ريگيوليٽر مان نڪرندڙ منھڙو مائينر ۽ سن مائينر جي آبادگارن پاران بناجواز مائينرن کي بند ڪرڻ واري عمل خلاف آبادگارن جو ٻاجھي خان  لاشاري ـ قربان علي جمالي ـ آصف علي لاشاري ـ علي مردان جمالي ـ شادو خان ڀٽي شفقت علي آرائين,محمد يوسف ڏاهري,عبدالستار ڏاهري,احسان جمالي,عامر ڀنڊر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روھڙي ڪينال جي يوسف ڏاھري ريگيوليٽر تي احتجاجي مظاھرو ڪندي ايريگيشن عملدارن جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين پاران نٽهڻ اس ۾ پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي مورو ٻانڌي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون مسافر سخت پريشان ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته منهڙو مائينر ۽ سن مائينر کي بنا جواز بند ڪري اسان جا فصل تباھ ڪيا ويا آهن جيڪڏهن وارا بندي آهي ته ان جو به ڪو شيڊول ناهي پنج ڏينهن پاڻي ڏئي 10 ڏينهن پاڻي بند ڪيو پيو وڃي هن وقت به يوسف ڏاهري موري مان نڪرندڙ پير رڪڻ ٺل مائينر ۽ قائم ڪور مائينر هلي رهيا آهن صرف منهڙو مائينر ۽ سن مائينر بند ڪري اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير, آبپاشي جي صوبائي وزير,محترمه فريال ٽالپر صاحبه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته منهڙو مائينر ۽ سن مائينر ۾ هٿرادو پيدا ڪيل پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهون ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.