قمبر لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) قمبر ڀرسان غيبي ديرو روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ 5 ڄڻا ڳوٺ دينار ٻرڙو واسي عورت  سڀاڳي خاتون سندس ٽي پٽ 15 سالا رجب ٻرڙو، 7 سالا عمران ۽ هڪ سالن جو ڀاءُ فرحان سميت ٻي موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان غلام مصطفيٰ چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين جي وارث الاهي بخش ٻرڙو ٻڌايو ته منهنجو ڀائيٽو رجب ٻرڙو پنهنجي ڀائرن ۽ امڙ کي کڻي موٽرسائيڪل تي ڳوٺ کان قمبر شهر وڃي رهيو هو ته غيبي ديرو روڊ تي تيز رفتاري سبب ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.