پني عاقل ۾پ پ اڳواڻ جي گاڏي جو ٽڪر، واپڊا ملازم جي ڄنگهه ڀڄي پئي

پنوعاقل (رپورٽ:نور محمد سومرو)پ پ پ اڳواڻ جي گاڏي کي بريڪ بدران ريس ڏيڻ جي ڪري واپڊا ملازم جي ڄنگھ ٻه اڌ،گمبٽ ا سپتال کان لاعلاج ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال داخل حالت ڳڻتي جوڳي،ڇنڇر رات پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو پنھنجي بنگلي کان جمعو ڀٽو ڳوٺ عذر خواھي لاءِ ٻاھر وڃي رھيو ھو ته سامھون بيٺل واپڊا ملازم وسيم ولد مرحوم عبدالصمد ڀٽو سامھون ايندي گاڏي کي بريڪ ڏيڻ بدران ريس تي لت اچڻ ڪري آڏو بيٺل پ پ پ ڪارڪن ھيٺان اچڻ بدران پري پري ڪري پيا،چيو وڃي ٿو ته وسيم ڀٽو کي ٽڪر لڳڻ ڪري کيس جي سڄي ڄنگھ ٻن ھنڌن وٽان ڀڄي پئي،جنھن کي فوري طور تعلقه اسپتال نيو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال ۽ اتان گمبٽ اسپتال پھچايو ويو،جتي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري نوجوان وسيم ڀٽو کي سندس عزيز کڻائي ڪراچي لياقت نيشنل اسپتال پھچايو ويو،،وسيم جي عزيزن جو چوڻ آھي ته ڊاڪٽرن نوجوان جي ڄنگھه جو آپريشن ڪري ورتو آھي،کيس جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.