ڏانئڻ هجڻ جي الزام هيٺ آيل عورت 329 سالن کانپوءِ ڪيس مان بري !

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي قانونسازن هڪ انوکوقانون ٺاهي تقريبن ساڍا ٽي سئو سال اڳ ڏانئڻ هجڻ جي الزام ۾ موت جي سزا مليل عورت کي بري ڪري ڇڏيو.

آمريڪي رياستميساچوسٽس ۾ 1693 ۾ سليم وچ ٽرائل ۾ موت جي سزا مليل عورت لاءِ قانونسازي ڪري ان سزا کيمعاف ڪري کيس ڪيس مان بري ڪيو ويو.

عورت کي ان وقت جي قانون موجب ميساچوسٽس جي رياست ۾ ڏانئڻ هجڻ جي شڪ ۾ ٻين عورتن سان گڏ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

ڪيس سليم وچ ٽرائل جينالي سان مشهور آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هن وقت 100 کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن کي ڏانئڻ هجڻ جي الزام هيٺ سزا ٻڌائي وئي هئي.

ان وقت جي دور ۾ بدصورت ماڻهن کي ڏانئڻ سمجهيو ويندو هو ۽ يورپ سميت آمريڪا ۾ اهڙن ماڻهن کي الزام لڳائي عدالتن يا بادشاهن کان سزائون ڏيارڻ جو عمل عام هو.

ان ئي رواج تحت ميساچوسٽس جي بادشاهت ان وقت 1692 کان 1693 تائين 100 ڄڻن کي سزائون ٻڌايون هيون جن ۾ گهڻن کي موت جي سزا ڏني وئي هئي.

ان ئي ٽرائل تحت گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ درجن عورتن ۽ مردن کي اجتماعي موت جي سزا به ڏني وئي هئي ۽ ميساچوسٽس ۾ اڄ به سليم وچ جي يادگار موجود آهي جتي هڪ ئي وقت 6 عورتن کي ڦاهي تي لڙڪايو ويو هو.

تقريبن ساڍا ٽي سئو سال اڳ ڏانئڻ هجڻ جي الزام ۾ سزا ماڻيندڙ عورتن ۾ ايلزبٿ جانسن جونيئر به شامل هئي جيڪا ان وقت 22 ورهين جي هئي ۽ کيس ڏانئڻ قرار ڏئي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

ڪجهه ماڻهن کي ڦاهي ته ڪجهه کي پٿر هڻي ماريو ويو هو جڏهن ته ڪي وري بيمارين وگهي لاڏاڻو ڪري ويا هئا ڇو ته کين علاج ڪرائڻ نه ڏنو ويو هو.

الزبٿ جانسن جونيئر کي موت جي سزا نه ڏني وئي هئي ۽ نه ئي کيس معاف ڪيو ويو هو، هو ساهه جي آخري سڳي تائين ڏوهي رهي هئي.

پر هاڻي هڪ شاگرد طرفان سليم وچ ٽرائل تي تحقيق ڪرڻ بعد هن خاص قانونسازي ذريعي کيس معاف ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب آمريڪي رياست ميساچوسٽس جي مقامي علائقي جي رياستي قانونساز ايلزبٿ جانسن کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ ۽ کيس معاف ڪرائڻ لاءِخاص قانونسازي ڪرائي، جنهن ۾ 1692 جي فيصلن کي غلط قرار ڏنو ويو ۽ اهڙي ريت عورت کي ساڍن ٽن سئو سالن کانپوءِ ڪيس مان بريت ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.