چئُه! جو توکي چوڻو آ……

شفيق وساڻ 

شهباز شريف جي حڪومتته پي ٽي آءِ نه بڻجي نه ….

تبديلي سرڪار ته عوام مھانگائي ڪري جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو ھو پر ھي گڏيل موجوده حڪومت ان نعري تحت آئي ھئي ته عوام کي رليف ڏنو ويندو مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو ويندو. آبادگارن تعليم صحت ۽ ترقي جون نيون راھون کوليون وينديون غربت م گھٽائي ڪئي ويندي نوجوانن کي روزگار ڏنو ويندو ۽ کائڻ پئيڻ جون شيون سستيون ڪيون وينديون پر تبديلي سرڪار کان به ٻيڻ تي عوام جي مٿان مھانگائي جو طوفان ڪيرائي ڇڏيو.

تيل جي قيمتن وڌڻ سان عام واھپي جي شين جو اگهھ چوٽ چڙھي ويندو. گيهھ 550 ڪلو مان 700  پھچندو، اٽو 75 ڪلو مان 95 پھچندو ۽ ٻين شين جي اگھن ۾ اضافو ٿيندو. ماڻھو سفر ڪري نه سگھندا گاڏين جي ڀاڙن م اضافو ٿي ويندو. ڪنب کان خيرپور وين وارا 80  روپيا وٺن ٿا پھريان ڀاڙو 45 ھيو ھن وقت وين وارا 100 تي وڃي پھتا آھن ڪنب کان سکر 150  وٺن ٿا ۽ ھن وقت 200  ٿي ويو.

غريب عام بي پھچ جي جئيڻ ڏکيو ٿي پيو ۔ دوائون جا اگھه چوٽ چڙھي ويا ھڪ پيناڊول جو پتو جيڪو 20 روپيا ملندو ھو ھن وقت اھو 30  کان 40  روپيا به مشڪل سان ملي ٿو ائين سڀني ميڊيڪل دوائن جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪن ٿا. شاگردن جي داخلا فين م به اضافو ٿي ويو آھي شاگردن ايتري مھانگي تعليم ڪٿان حاصل ڪن جيڪو سندن آرٽيڪل 25A  فري تعليم ھجڻ گھرجي. ملڪ م ھر اداري ڪمزور ڪيو ويو آھي اگر توھان کي ايران يا ٻيو ملڪ تيل سسستو ۽ مناسب اگهھ تي ڏئي ٿو ته توھان وٺو ۽ ضروري ته نه آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.